ٺٺي پوليس پاران بازياب ڪرايل ناري کي عدالت ڪراچي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ٺٽو پوليس مغوي ناري کي بازرياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ناري جي درخواست تي عدالت کيس ڪراچي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ٺٽو پوليس ڳجهي اطلاع تي مڪلي ۾ ڪارروائي ڪري گذريل ڏينهن مبينا طور اغوا ٿيل ناري ياسيمن ڳاهو کي بازياب ڪرائي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

ناري عدالت ۾ بيان ڏنو ته مائٽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئِي رهيا آهن، سندس زندگي کي خطرو آهي، کيس پناهه لاءِ دارالامان موڪليو وڃي.

عدالت ناري جي درخواست تي کيس ڪراچي جي دارلامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

ٻئي پاسي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ناري پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪري مائٽن وٽ پناهه ورتي هئي، جن کيس اغوا ڪرايو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*