ٿاڻوبولاخان جي ڪوهستان واري علائقي ۾ ارڙي وگهي ٻارڙي فوت ٿي وئي آهي

thanu bola khan

ٿاڻوبولاخان جي ڪوهستان واري علائقي ۾ ارڙي وگهي ٻارڙي فوت ٿي وئي آهي،  ڪيترائي ٻارڙا  ارڙي ۾ مبتلا   هئڻ ڪري اسپتال ۾ داخل آهن.

ڪوهستان واري علائقي ڪرچات ۾ 8 سالن جي ٻارڙي تبسم ڌيءَ خاشل موسو ارڙي وگهي فوت ٿي وئي.

اڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته صحت کاتي جي عملدارن جي لاپرواهي سبب ڳوٺن ۾ ارڙي جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي

هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي اسان جي ٻارن جون زندگيون بچايون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*