سڌ سماءِ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته “اڀي تو پارٽي شروع هوئي هئي”عمران خان ۽ آصف زرداري هارس ٽريڊنگ ڪري سينيٽ سان تماشو ڪيو

mariyam oran

سڌ سماءِ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته “اڀي تو پارٽي شروع هوئي هئي”عمران خان ۽ آصف زرداري هارس ٽريڊنگ ڪري سينيٽ سان تماشو ڪيو، قوم ايمپائر جي آڱر تي هلندڙن کان پڇا ڪئي وڃي،

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته هارس ٽريڊنگ جا ٻه بادشاهه عمران خان ۽  آصف زرداري آهن. انهن جيڪو سينيٽ چونڊن سان تماشو ڪيو، اهو قوم ڏٺو آهي.

هن چيو ته امپائر جي آڱر تي ڌمال هڻندڙ ۽ ايٽ سان ايٽ وڄائڻ وارو بيان ڏيندڙ جماعت کان به جواب طلبي ٿيڻ گهرجي.

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير چيو ته انهن ئي ماڻهن هارس ٽريڊنگ سان گڏ اليڪشن کٽِ، ن ليگ ڪا به خريد ۽ وڪرو ٿيڻ نه ڏيندي. عوام انهن کان چونڊن ۾ جواب وٺندي ۽ اهڙي ڪرپشن تي کين رد ڪري ڇڏيندي.

هن چيو ته اسان جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جو نوٽيس ورتو، چاهيون ٿا هت اهڙو قانون هجي جو ايندڙ وقت ۾ ڪو به هارس ٽريڊنگ نه ڪري سگهي.

مريم اورنگزيب چيو ته 30 سيٽن واري پارٽي 44 ووٽ  کڻي ته شڪ پيدا ٿي ويندا آهن، ميمبر  جو پارٽي ميمبرن کان وڌيڪ ووٽ کڻڻ هارس ٽريڊنگ جي زمري ۾ اچي ٿو.

هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن هارس ٽريڊنگ بابت جاچ ڪري ذميوارن کان جواب طلب ڪري.

مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن به ادارن طرفان حدون اورانگهيون وينديون  ته ان جو رد عمل به ايندو، آئين تحت سمورن ادارن جون حدون مقرر آهن ۽ سمورن ادارن کي حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*