سينيٽ چيئرمين کانپوءِ اپوزيشن ليڊر جي چونڊ جي حوالي سان سياسي پارٽين ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي

Sherry-Rehman-21717

سينيٽ چيئرمين کانپوءِ اپوزيشن ليڊر جي چونڊ جي حوالي سان سياسي پارٽين ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي، پيپلز پارٽي شيري رحمان کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ کانپوءِ سياسي جماعتن اپوزيشن ليڊر جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سينيٽ اليڪشن ۾ اپوزيشن جي حمايت يافته صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جو سليم مانڊوي والا ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو آهي.

ذريعن موجب، پيپلزپارٽي شيري رحمان کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف اعظم سواتي کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*