عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد عمران خان ۽ آصف زرداري سان گڏجي چونڊ وڙهڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد عمران خان ۽ آصف زرداري سان گڏجي چونڊ وڙهڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف هميشه ذاتي مفاد تي ٻڌل سياست ڪئي، هو رڳو پنهنجي فائدي کي ڏسندو آهي،

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته هو عمران خان ۽ آصف زرداري سان گڏجي چونڊ نه وڙهندو.

هن چيو ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي بيانن تي به متحده قومي موومينٽ جي باني جيان پابندي لڳڻ گهرجي،

شيخ رشيد چيو نواز شريف هميشه ذاتي مفاد تي ٻڌل سياست ڪئي آهي هن ڪڏهن به ملڪ جي بهتري نه سوچي رڳو پنهنجي فائدي کي ڏٺو آهي،

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته ڪاليج واري زماني ۾ مون کي به جوتا لڳا هئا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*