نادرا چيئرمين عثمان مبين، جي ڪراچي ۾ نادرا جي سينٽرز جي هنگامي دورن دوران عوام شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

nadra

نادرا چيئرمين عثمان مبين، جي ڪراچي ۾ نادرا جي سينٽرز جي هنگامي دورن دوران عوام شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، جنهن تي نادرا چيئرمين سهولت مرڪزن جي 4 انچارجز کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

نادرا چيئرمين عثمان غني ڪراچي جي مختلف نادرا مرڪزن جو اوچتو دورو ڪيو جنهن دوران سينٽرز تي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ پهتل عوام عملي خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

نادرا چيئرمين، عوامي شڪايتن تي سهولت مرڪز انچارج غلام مصطفيٰ، آصف غني ۽ شهزاد يوسف سميت 4 انچارجز کي معطل ڪري سندن خلاف محڪماتي ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا.

نادرا چيئرمين عثمان مبين، ڪراچي ۾ مختلف نادرا سينٽرز جا دورا ڪرڻ کانپوءِ سهولت مرڪز صبح 9 وڳي کان رات 9 وڳي تائين کولي رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*