پيپلزپارٽي 91 واري پاڻي ٺاهه بابت پاڻي واري وزير جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي

national assembly

پيپلزپارٽي 91 واري پاڻي ٺاهه  بابت پاڻي واري وزير جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. يوسف ٽالپور چيو آهي ته وزير پاڻ ٻڌائي ته بيان درست آهي، جنهن تي جاويد شاهه چيو ته سيد آهيان پاڻي جي باري ۾ غلط بياني لاءِ سوچي به نٿو سگهان، اڄ به سنڌ ۽ پنجاب کي حصي کان وڌيڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو،

اجلاس ۾  91 واري پاڻي ٺاهه تي عملدرآمد نه ٿيڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نواز يوسف ٽالپر ۽ شازيه مري آبي وسيلن واري وزير جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو.

اجلاس دوران يوسف ٽالپر چيو ته وزير الله جي 99 نالن جو حلف کڻي چئي ته سندس بيان سچ آهيئ

جاويد شاهه چيو ته ميان سيد آهيان ۽ پاڻي بابت غلط بياني جو سوچي به نٿو سگهان. اڄ به سنڌ ۽ پنجاب کي  حصي کان وڌيڪ پاڻي ملي رهيو آهي.

جاويد شاهه چيو ته پاڻي  جي ورهاست ۾ ڪنهن به صوبي سان زيادتي نه ٿي رهي آهي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه کي حصي جو پاڻي نه ملي رهيو آهي.

آبي وسيلن جي وزير چيو ته حڪومت ڪنهن به صورت نه چاهيندي ته ڪنهن صوبي جو پاڻي ٻئي صوبي کي ڏنو وڃي.

جاويد علي شاهه چيو ته ڊپٽي اسپيڪر صاحب ، اوهان جي حيثت کي تسليم نه پيو ڪيو وڃي.

جاويد شاهه چيو ته منهنجي اطلاعن موجب، پاڻي خسارو برابري جي بنياد تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ تقسيم ڪيو پيو وڃي. سنڌ جو جيڪو حصو آهي، اهو ان کي ڏنو پيو وڃي.

فهميده مرزا چيو ته مون کي پڪ ڏياري وئي هئي ته پاڻي وسيلن واري ڪميٽي اجلاس ۾ مون کي به گهرائيندي.

هن چيو ته بدين سنڌ جو آخري ضلعو آهي، جتي پاڻي جي سخت کوٽ آهي. پهرين بدين ۾ پاڻي فراهم ڪيو، پوءِ صوبي جي ڳالهه  ڪريو.  بدين ريگستان بڻجي رهيو آهي.

جاويد شاهه چيو ته فهميده مرزا جو مون کي فون آيو هو، ڪراچي ۾ ملاقات رٿيل هئي. جڏهن يوسف ٽالپر کي آگاهه ڪيو ته هن ٻڌايو ته فهميده مرزا ناهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*