قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان جي درٻار جمهوريت آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان جي درٻار جمهوريت آهي، اتي ئي جهڪندا آهيون ميان نوازشريف ميمو ڪيس وارو دور ياد ڪري کيس گهڻيون ڳالهيون ياد اينديون.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان جي درٻار جمهوريت آهي، اتي ئي جهڪندا آهيون.

هن چيو ته جمهورري درٻار جي لاءِ اسان پنهنجو سر قربان ڪيو ۽ رت به وهايو آهي. اسان ميان صاحب جي عزت ڪريون ٿا، اسان کي اهڙيون سخت ڳالهيون ڪرڻ نٿيون اچن،

هن چيو ته صادق سنجراڻي پيپلزپارٽي ڪمپلينٽ سيل سان سلهاڙيل رهيو آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته ميان صاحب کي ڇانگا مانگا جي تاريخ ياد اچي رهي آهي، پر هاڻ ڇانگا مانگا ۾ وڏيون عمارتون ٺهي چڪيون آهن،

هن چيو ته سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي کي پنهنجو پنهنجو اميدوار آهي، اسان جي اميدوار شيري رحمان آهي.

سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ بابت سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته ميان صاحب به عمران خان جي روش اختيار ڪئي آهي اسان نه جهڪيا آهيون، الزام لڳائڻ ميان صاحب جي عادت آهي، هاڻ ايئن نه هلندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*