لاهور هاءِ ڪورٽ زال مڙس جي جهيڙي سبب دربدر ٿيل پنج ٻارڙن کي ماءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، زال مڙس جي جهيڙي سبب دربدر ٿيل پنج ٻارڙن کي ماءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي حڪم بعد ٻارڙا روئندا رهندا ۽ ماءُ سان وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جـِي جسٽس قاضي محمد امين زال مڙس جي جهيڙي سبب دربدر ٿيل ٻارڙن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ٻارڙن جي ماءُ ناهيد عدالت کي آگاهي ڏني ته سندس مڙس شهزاد جا ٻين عورتن سان لاڳاپا آهن، ان ڪري هو ساڻس گڏ نٿي رهڻ چاهي.

 عدالت عورت جو موقف ٻڌڻ بعد پنجن ئي ٻارڙن کي ماءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالتي حڪم بعد ٻارڙن ماءُ سان وڃڻ کان انڪار ڪندي روئي ڏنو، جنهن بعد ٻارڙن جا ماءُ پيءُ به عدالتي احاطي ۾ روئندا رهيا.

واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي، جنهن دوران عدالت ٻنهي زال مڙسن کي ٻارڙن لاءِ صلح ڪرڻ جو وقت ڏنو هو پر ٻنهي زال مڙسن ۾ ٺاهه نه ٿيڻ ڪري عدالت قانون تحت ٻارڙن کي ماءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*