احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جي آءِ ٽي جي پورٽ کي رڪارڊ جو حصو نه بڻائڻ واري مريم نواز جي درخواست جزوي طور منظور ڪري ورتي آهي

mariyam nawaz

احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جي آءِ ٽي جي پورٽ کي رڪارڊ جو حصو نه بڻائڻ واري مريم نواز جي درخواست جزوي طور منظور ڪري ورتي آهي.

احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽ (ر) صفدر پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران مريم نواز جي آءِ ٽي جي مڪمل رپورٽ کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ واري عمل کي چيلنج ڪري ڇڏيو.

مريم نواز جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جي آءِ ٽي جي 6 واليمن جو ڪو به واسطو نه آهي، واليم 3، 4 ۽ 5 ۾ ڪجهه شاهدوين عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻجي سگهجن ٿيون.

جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ اسان جا پبلڪ دستاويز آهن، جي آءِ ٽي رپورٽ اسان جو اهم ترين ثبوت آهي.  عدالت کان استدعا آهي ته رپورٽ کي عدالتي ريڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي.

عدالت محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو نه بڻائڻ واري مريم نواز جي استدعا منظور ڪري ورتي.

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جي آءِ ٽي جو تجزيو عدالتي رڪارڊ جو حصو نٿو بڻجي سگهي ۽ شاهدن جا رڪارڊ ٿيل بيان عدالت ۾ قلمبند نٿا ٿي سگهن.

عدالت چيو ته نوازشريف جو واجد ضياءَ تي اعتراض به نوٽ ڪيو ويندو.

ٻڌڻي دوران عدالتي ڪمري کي اندر کان بند ڪيو ويو، واجد ضياءَ بيان پڙهي رڪارڊ ڪرائڻ تي وڪيل عاتراض ڪندي چيو ته واجد ضياءَ پيپر بڪ کولي پڙهي رهيو آهي. يادداشت سان بيان لکرائن.

جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته ميموري ريفريش ڪرڻ لاءِ پيپر بڪ ڏسڻ ضروري آهي.

عائشه حامد چيو ته بات رڪارڊ تي آڻينداسين ته شاهد  پيپر بڪ پڙهي بيان قلمبند ڪرايو.

ٻڌڻي دوران واجد ضياءَ جي بيان رڪارڊ ڪرائڻ ۾ ترتيب درست نه هئڻ تي عدالت جي آءِ ٽي سربراهه کي هدايت ڪئي ته اڳ ۾ گڏ ڪيل ثبوت بيان ۾ رڪارڊ ڪرايو.

عدالت  چيو ته نيب واجد ضِاءَ جي ثبوتن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ تياري ڪرائي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*