ٺٽو ويجهو ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور فوت ٿي ويو

Accident-Road-27217

ٺٽو ويجهو ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪار  ڊرائيور فوت ٿي ويو.

جهرڪ  لڳ روزانه اخبارون کڻي ويندڙ ڪار مٿان ٽرڪ چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور نواز نيازي چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

اهڙي اطلاع ملڻ تان جهرڪ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش جهرڪ اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو  ويو.

لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

ٻئي طرف جهرڪ پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ڊرائيور حادثي بعد فرار ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*