سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام شبير شيخ جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 9 مئي تائين ملتوي ڪري ملتوي ڪئي وئي

Sindh-High-Court-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام شبير شيخ جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 9 مئي تائين ملتوي ڪري ملتوي ڪئي وئي، عدالت رمارڪس ۾ اڳوڻي آءِ جي کي هدايت ڪندي چيو ته نيب سان جاچ ۾ تعاون ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ عبوري ضمانت رد ڪئي ويندي.

چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

نيب چيو ته اڳوڻو آءِ جي غلام شبير شيخ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري جاچ ۾ تعاون نه ڪري رهيو آهي،کيس 3 ڀيرا نوٽيسز جاري ڪيا ويا پر هو پيش نه ٿيو آهي.

عدالت اڳوڻي آءِ جي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس هدايت ڪئي نيب سان جاچ ۾ تعاون ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ عبوري ضمانت رد ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 9 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*