قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پي آءِ اي ۾ خساري جي تفصيل پيش ڪيا ويا

national assembly

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پي آءِ اي ۾ خساري جي تفصيل پيش ڪيا ويا، لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته 2017ع ۾ قومي ايئر لائن کي 43 ارب 65 ڪروڙ رپيا خسارو ٿيو، جڏهن ته 2013 ۾ 42 ارب 98 ڪرور ۽ 2012 ۾ 29 ارب 76 ڪروڙ  رپيا خساري کي منهن ڏنو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت  هيٺ ٿيو.

اجلاس دوران پي آءِ ۾ خساري جا تفصيل ۽ هوابازي ڊويزن جي انچارج جو لکت ۾ جواب پيش ڪيو ويو.

لکت ۾ جمع ڪرايل جواب موجب، 2017ع ۾ قومي ايئر لائن کي 43 ارب 65 ڪروڙ رپيا خسارو ٿيو، جڏهن ته 2013 ۾ 42 ارب 98 ڪرور ۽ 2012 ۾ 29 ارب 76 ڪروڙ  رپيا خساري کي منهن ڏنو.

هوا بازي ڊويزن  طرفان جمع ڪرايل جواب موجب، قومي ايئر لائن کي سال 2011 ۾ 28 ارب 3 ڪروڙ رپيا خسارو ٿيو.

هوا بازي ڊويزن موب، 2010 ع ۾ 8 ارب 58 ڪرو، 2009 ۾ 13 ارب 31 ڪروڙ ۽ 2008 ع ۾ 39 ارب 98 ڪروڙ رپيا خسارو ٿيو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*