عمران خان کي گهرجي ته هو نان اشوز تي سياست ڪرڻ بدران ڪي پي ڪي تي توجه ڏئي، عابد شير علي

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته هلندڙ سال مئي واري مهيني تائين 1500 ميگا واٽ بجلي سسٽم جو حصو ٿي ويندي.

ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عابد شير علي چيو ته عمران خان کي گهرجي ته هو نان اشوز تي سياست ڪرڻ بدران ڪي پي ڪي تي توجهه ڏئي.

هن چيو ته هن سال گرمين دوران شهرن ۾ ڇهه ۽ ڳوٺن ۾ 8 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪو ٽرانسفارمر سڙندو ۽ تبديل نه ٿيندو ته اتان جي ايس ڊي او کي فوري طور تي معطل ڪيو ويندو.

هن چيو ته تربيلا ڊيم ۾ 1400 ميگا واٽ بجلي هن سال شامل ٿي ويندي، جڏهن ته بند پيل پاور پلانٽس کي جلد بحال ڪيو ويندو.         

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*