ڀارت ۾ ايجنسيز پاران پاڪستاني سفارتڪارن ۽ سندن گهرڀاتين کي هيسائڻ واري عمل تي مشاورت لاءِ ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر کي اسلام آباد گهرايو ويو آهي

dr faisal pardehi tarjuman

ڀارت ۾ ايجنسيز پاران پاڪستاني سفارتڪارن ۽ سندن گهرڀاتين کي هيسائڻ واري عمل تي مشاورت لاءِ ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر کي اسلام آباد گهرايو ويو آهي، پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته سفارتي عملي ۽ سندن گهرڀاتين سان ٿيندڙ متڀيدي روئي جي بار بار شڪايت ڪئي وئي پر ڀارتي سرڪار ان جو نوٽيس نه ورتو.

پاڪستان نئين دهلي ۾ مقرر هاءِ ڪمشنر کي واپس طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي  پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته نئين دهلي ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي هيسائڻ جو سلسلو جاري آهي.

هن چيو ته سفارتي عملي ۽ سندن گهرڀاتين سان ٿيندڙ متڀيدي روئي جي بار بار شڪايت ڪئي وئي پر ڀارتي سرڪار ان جو نوٽيس نه ورتو.

ترجمان موجب پاڪستان هاءِ ڪمشنر کي فوري طور اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان هاءِ ڪمشنر  سهيل محمود کي صلاح مشوري لاءِ طلب ڪيو ويو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*