ڪنڌڪوٽ جي رهواسي معصوم 5 سالن جي ٻارڙي الله بچائي چولياڻي کي پوليو جو شڪ ظاهر ٿيو آهي

khandkot

 ڪنڌڪوٽ جي رهواسي معصوم 5 سالن جي ٻارڙي الله بچائي چولياڻي کي پوليو جو شڪ ظاهر ٿيو آهي، معصوم ٻارڙي هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وئي آهي.

 ان سلسلي ۾ شهر جي گلشير محلا واسي نينگري جي والد علي اڪبر چولياڻي ٻڌايو آهي ته ٻارڙن جي مشهور ڊاڪٽر ڏانهن ڌيءَ کي علاج لاءِ کڻي ويس جتي ڊاڪٽر پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو آهي،

 هن چيو ته جڏهن هو ٻارڙي الله بچائي کي سول اسپتال کڻي ويو ته اتي عملي  چيو ته ٻارڙي جا جزا ورتا آهن ۽ جزن کي چڪاس لاءِ اسلام آباد جي ليبارٽريءَ اماڻيو ويندو.

 هن سنڌ حڪومت جي صحت واري کاتي کان مطالبو ڪيو ته نينگري جو سرڪار جي خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن هو پنهنجي سڄي حياتي بهتر نموني  سان گذاري سگهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*