پاڪستان تحريڪ انصاف پاران آڊٽ رپورٽ ۾ 2 کرب 74 ارب رپين جون بيضابطگين خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ التويٰ واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي

Khurram-Zamna-PTI-27716

پاڪستان تحريڪ انصاف پاران آڊٽ رپورٽ ۾ 2 کرب 74 ارب رپين جون بيضابطگين خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ التويٰ واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان چيو  ته سنڌ جي ناڻي کي ذاتي پئسو سمجهي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، وڏي وزير مراد علي شاهه کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

خرم شير زمان چيو ته بيضابطگين جي رپورٽ بعد وڏي وزير کي عهدي تي رهڻ جو ڪو به جواز نه آهي.

هن چيو ته رپورٽ ۾ تعليم ۽ مڪاني ادارن جي باري ۾ ڪهاڻيون لکيل آهن،نئين آڊيٽر جنرل کي رپورٽ جي جاچ ڪرائڻ گهرجي.

خرم شير زمان چيو ته حيرت آهي ته نيب وڏي وزير کي پاڻ وٽ ويهاري ڇو نه ڇڏيو، جلد نيب  کي گهربل وزيرن کي هٽايو وڃي.

هن چيو ته اينٽي ڪرپشن به خاموش بڻيل آهي، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت وائيٽ پيپر آڻي رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*