وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جون رونقون بحال ٿيڻ تي دهشتگردي ڪرائي پئي وڃي

ahsan-iqbal-251117

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جون رونقون بحال ٿيڻ تي دهشتگردي ڪرائي پئي وڃي، هڪ ٻن بزدلاڻا واقعا قومي منصوبن تي اثر انداز ٿي نه ٿا سگهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان اڄ چين جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پوئتي آهي، مضبوط معيشت ۽ خوشحالي هوندي ته ڪير به ميري اک سان نه ڏسي سگهندو،

هن چيو ته اسان کي ٻيڙي ٻڏڻ ۽ ستيا ناس جو نظريو ڏنو پيو وڃي جيڪو غلط آهي، اسان وٽ تمام گهڻيون ڪاميابيون آهن.

احسن اقبال چيو ته دشمن رائيونڊ ۾ بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي، بزدلاڻين ڪاررواين سان وڏا قومي منصوبا متاثر نه ٿيندا، جٽادار حفاظتي انتظامن سان رائيونڊ ۾ وڏي تباهي کان بچي وياسين،

وفاقي گهرو وزير چيو ته دشمن ڏسي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ روشنيون بحال ٿي رهيون آهن، ملڪ ۾ امن اچي ويو آهي، راندين جا ميدان آباد ٿي رهيا آهن، هڪ ٻن واقعن سان ڪو فرق نه پوندو،

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾امن قائم ٿي ويو آهي، هڪ ٻن واقعن تي ڪو فرق نه پوندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*