بلاول ڀٽو زرداري جلد ڏيهه اچي پارٽي جون واڳون سنڀاليندو، سڌ سماءَ وارو وزير شرجيل ميمڻ

سڌ سماءَ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته واٽر بورڊ، ڪي ايم سي، ڊي ايم سي ۽ ٻين مڪاني ادارن ۾ هزارين گوسڙو ملازم آهن ۽ بلاول ڀٽو زردراري جلد ڏيهه اچي پارٽي جون واڳون سنڀاليندو.

ڪراچي جي ڪسٽم هائوس ۾ صفائي مهم جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جو چيئرمين آهي ۽ اهو جلد ڏيهه اچي  پارٽي جون واڳون سنڀاليندو.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڪي ايم سي، واٽر بورڊ، ڊي ايم سي ۽ ٻين مڪاني ادارن ۾ هزارين گوسڙو ملازم آهن، ملازمن جي تصديق  وارو عمل جاري آهي، کين اپريل مهيني جي پگهار سنڌ بئنڪ ذريعي ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ ڪوبه گوسڙو ملازم پگهار نه کڻي سگهندو.

صوبائي وزير چيو ته قادر پٽيل جي تقرير تي پارٽي قيادت کي اعتراض هئا، جنهن سبب کيس نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن کيس اعتراض آهن هو پارٽي جي پليٽ فارم تي اچي ڳالهائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*