سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پهرين کان اٺين درجي جي سالياني امتحانن لاءِ شاگردن کي جوابي ڪاپيون فراهم نه ڪيون ويون، شاگرد پريشان

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پهرين کان اٺين درجي جي سالياني امتحانن لاءِ شاگردن کي جوابي ڪاپيون فراهم نه ڪيو ويون، ڪجهه هنڌن تي ته سوالي پيپر به نه ملي سگهيا ۽ بورڊز تي سوال لکي شاگردن کي گهران آندڙ جوابي پرچن تي امتحان ورتو  ويو، خيرپور جي ڊي سي فون اٽينڊ نه ڪئي، ڊي اي او موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

خيرپور ۽ نوشهرو فيروز  ضلعن ۾ پهرين کان اٺين درجي تائين سالياني امتحانن لاءِ استادن پاران شاگردن کي هدايت ڪئي وئي ته هو گهران جوابي ڪاپيون کڻي اچن.

ڪجهه شهرن ۾ سوالي پيپرز ڏنا ويا، جڏهن ته پيرڳوٺ، ٺارو شاهه ۽ ٻين ننڍن شهرن جي اسڪولن ۾ سوالي پرچا به نه پهتا ۽ استادن سوال بورڊز تي لکي ڇڏيا.

خيرپور جي ناز هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر ساجد علي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته کين ٻڌايو ويو آهي ته فنڊز نه هئڻ ڪري جوابي پرچا نه ٿا ڏئي سگهجن، شاگردن کي گهران پرچا کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

هن ٻڌايو ته سندن اسڪول ۾ سوالي پيپر ته پهتا آهن پر جوابي پرچا نه پهچڻ ڪري شاگردن کي پريشاني ٿي آهي.

اهڙي صورتحال تي جڏهن ڪي ٽي اين نيوز پاران خيرپور جي ڊي اي او ايليمنٽري ايجوڪيشن لياقت علي خاصخيلي سان رابطو ڪيو ويو ته هن اهو چئي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته ان سلسلي ۾ نه ٿو ڳالهائي سگهي، ڊي اي او سيڪنڊري ئي جواب ڏيندي.

ڊپٽي ڪمشنر منور مٺاڻي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سندس فون لاڳيتو اٽينڊ نه ٿيو.

ساڃاهه وندن سرڪاري اسڪولن ۾ ٿيندڙ هنن اهم امتحانن ۾ جوابي ڪاپيون نه ملڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سرڪار کان معاملي جي جاچ ڪرائڻ ۽ مسئلي جو حل ڪڍڻ جي گهر ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*