اڳوڻي فاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته جيڪڏهن گهرو وزارت جي ڪميٽي نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي معاملي تي نيب جي سفارشن کي نظرانداز ڪيو ته فيصلو ڪٿي

chodhary nisar

اڳوڻي فاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته جيڪڏهن گهرو وزارت جي ڪميٽي نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي معاملي تي نيب جي سفارشن کي نظرانداز ڪيو ته فيصلو ڪٿي ٻي هنڌ ٿيو آهي.

قومي  اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي سربراهي هيٺ ٿيو، جنهن دوران صحافين پاران خانگي ٽي وي چينل جي آفيس تي حملي ۽ صحافين تي تشدد خلاف پريس گليري مان واڪ آئو ڪيو ويو.

اجلاس دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ تي بحث ڪيو ويو.

سوالن جي وقفي دوران نويد قمر چيو ته اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ جو طريقيڪار ڇا آهي، نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ ڇو نه ٿو وڌو وڃي.

جنهن تي اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو ته  اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ جو فيصلو گهرو وزارت جي ڪميٽي ڪندي آهي ۽ اها ڪميٽي نيب جي سفارشن تي عمل ڪندي آهي.

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي سفارشن کي نظرانداز ڪيو آهي ته فيصلو ڪنهن ٻي هنڌ ٿيو آهي.

چوڌري نثار چيو ته ته ماضي ۾ اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ لاءِ سفارشون هلنديون هيون، زال مڙس جو جهيڙو به هجي ته نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويندو  هو، موجوده حڪومت ان حوالي سان نئين ايس او پي بڻائي آهي.

پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو قومي اسيمبلي ۾ سوال ڪيو ته پي آءِ اي خريد ڪندڙ کي اسٽيل ملز مفت ۾ ملندي؟ جيڪڏهن ناڻي کاتي جي صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي اها ڳالهه درست آهي ته ايوان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي،

پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر عذرا فضل چيو ته جيڪڏهن مذاق ۾ اها ڳالهه ڪئي وئي ته قومي ادارن بابت رويو افسوسناڪ آهي،

مفتاح اسماعيل چيوته پاڪستان اسٽيل مل جي نجڪاري ٿيڻ گهرجي، هن وقت اسٽيٽ بينڪ وٽ ساڍا 12 ارب ڊالر موجود آهن.

مفتاح اسماعيل چيو ته معيشيت جي بهتري لاءِ حڪومت سڌارا ڪري چڪي آهي، گذريل ٻن سالن ۾ جبلي جي پيداوار جي منصوبن ۾ مشينري به درآمد ڪئي وئي آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*