وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ راجڌاني ڪراچي ۾ هڪ ڊائو يونيورسٽي ۾ سنڌي زبان ڳالهائڻ تي پابندي واري معاملي جو نوٽيس وٺندي

cm

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ راجڌاني ڪراچي ۾ هڪ ڊائو يونيورسٽي ۾ سنڌي زبان ڳالهائڻ تي پابندي واري معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر رابعه جي سنڌي ڳالهائڻ تي شوڪاز نوٽيس اخلاقي جرم آهي، سنڌي ٻولي تي پابندي جو نه ماضي ۾ خواب پورو ٿيو نه ئي اڳتي ٿيندو.

وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وڏي وزير مراد علي شاهه، ڪراچي جي ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر رابعه جي سنڌي ڳالهائڻ تي شوڪاز نوٽيس جي مذمت ڪندي لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وڏي وزير چيو ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي سازش ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ هر فرد کي مادري زمان ڳالهائڻ جو حق آهي، ملازمن سان تعصبي رويو اختيار ڪرڻ انتهائي غلط قدم آهي.

هن چيو ته سنڌ ٻولي تي پابندي جو خواب نه ماضي ۾ پورو ٿيو نه ئي اڳتي ٿيندو، تعليمي ادارن کي گهرجي ته ڀائيچاري کي هٿي وٺرائين، سنڌ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو پاڻ ۾ ڀائر آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*