حيدر آباد جي ٽن تعلقن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ خاندانن 34 هزار 232 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

Hyd-Map-11816

حيدر آباد جي ٽن تعلقن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ خاندانن 34 هزار 232 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب وائرس وڌيڪ ڦهلجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

پوليو مهم ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن، ضلعي انتظاميا وٽ پيش ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته مهم دوران 10 هزار 227 خاندانن سٽي، رورل ۽ قاسم آباد تعلقن ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب انڪار کانپوءِ 34 هزار 232 ٻارڙا پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئڻ کان محروم ٿي ويا آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ٻارڙن جي وارثن نوابشاهه ۾ ويڪسين جي ريئڪشن سبب ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪيو آهي.

حيدر آباد جي مختلف علائقن ۾ پوليو وائرس هئڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جنهن کانپوءِ والدين پاران ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙ پيئارڻ کان انڪار ڳڻتي جوڳو عمل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*