شڪارپور جي پبلڪ اسڪول جي انتظاميه پاران شاگردن جي تذليل ڪرڻ واري عمل خلاف شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو

shikarpur

شڪارپور جي پبلڪ اسڪول جي انتظاميه پاران شاگردن جي تذليل ڪرڻ واري عمل خلاف شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شاگردن ياسر، مبشر هڪڙي ۽ وقار حسين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته شاگردن تي تشدد وارو عمل مذمت جوڳو آهي، پرنسپال خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

هنن چيو ته پبلڪ اسڪول جي پرنسپال کي نه هٽايو ويو ته احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.

ٻئي طرف ڊي سي شاگردن ۽ سندن والدين جي احتجاج تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي، جيڪا ٻن ڏينھن ۾ رپورٽ پيش ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*