پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي محمود خان اچڪزئي پاران وزيرن جي غير حاضري تي افسوس ظاهر ڪيو ويو آهي

mehmood khan achak zai

پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي محمود خان اچڪزئي پاران وزيرن جي غير حاضري تي افسوس ظاهر ڪيو ويو آهي، محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته گذريل رات قلعه سيف الله ۾ ڊرون حملو ٿيو يا ڌماڪو، قوم کي ڪير به ٻڌائڻ وارو ناهي، اهڙن معاملن تي ڪئين ڳالهايو وڃي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس دوران پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي وزيرن ۽ آفيسرن جي غيرحاضري تي افسوس جو اظهار ڪيو.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته گذريل ڏينهن قلعه سيف الله ۾ ڊرون حملو ٿيو يا ڌماڪو، پر ايوان ۾ ڪير به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته اهو ڌماڪو ٿيو آهي. ٻڌايو وڃي ته اهڙا واقعا ڇو ٿي رهيا آهن،

هن چيو ته گذريل ڏينهن وزيرستان ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ جي آفيس تي فائرنگ ٿي، مختيارڪار، پوليٽيڪل ايجنٽ زخمي ٿيو، جڏهن ته هڪ ماڻهو مارجي ويو، جنهن بابت پارليامينٽ کي ناهي ٻڌايو ويو.

محمود خان اچڪزئي چيو ته جيڪي ماڻهو ايوان ۾ آيا آهن، اهي رڳو گپ شپ ڪري رهيا آهن، اهڙن حالتن تي مان ڇا ڳالهايا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*