حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ هڪ گهر جو هڪ لک 75 هزار بجلي جو بل اچڻ تي هڪ شخص پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي

hyd bill

حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ هڪ گهر جو هڪ لک 75 هزار بجلي جو بل اچڻ تي هڪ شخص پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال پهچايو ويو، پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي جي خاطرين باوجود به حيسڪو جي غير ذميوار عملي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي.

لطيف آباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ 50 ورهين جي شفيع محمد پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، جنهن کي واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن اسپتال منقتل ڪيو.

پاڻ کي باهه ڏيندڙ شخص چيو ته حيسڪو وارا واڌو بل موڪلي ماڻهن جو رت چوسي رهيا آهن.

هن چيو ته کيس به واڌ بل موڪليو ويو آهي، جيڪو سندس برداشت کان ٻاهر ۽ ڀرڻ جي وس ۾ ناهي.

پاڻ ساڙيندڙ شخص، اعليٰ اختيارين کي معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جي گهري ڪئي آهي.

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي پاران حيدر آباد ۾ کليل ڪچهري دوران ڪرايل خاطري باوجود حيسڪو جي غير ذميوار عملي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، جڏهن ته غريب عوام کي واڌو بل موڪلي پريشان ڪرڻ جو عمل جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*