پاڪستان شاهين ٿري بيليسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

پاڪستان شاهين ٿري بيليسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته روايتي ۽ ايٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندڙ ميزائل 27 سئو 50 ڪلوميٽرن تائين پنهنجي حدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

 پاڪ فوج پاران شاهين ٿري بيليسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو ويو، جنهن ڪاميابي سان سان پنهنجي حدف کي نشانو بڻايو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، ميزائل ۾ ايٽمي ۽ روايتي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت موجود آهي، جيڪو 27 سئو 50 ڪلو ميٽرن تائين پنهنجي حدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.

وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي انجنيئرز ۽ سائنسدانن کي واڌايون ڏنيون آهن.

وزيراعظم ۽ صدر جو چوڻ آهي ته ڪامياب تجربي سان ايٽمي صلاحيتن ۾ واڌ ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*