ڪراچي کان پوءِ گجرانوالا ۾ به ننڍي عمر وارين ڇوڪرين سان زيادتي ۽ انهن جون ويڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

harresment

ڪراچي کان پوءِ گجرانوالا ۾  به ننڍي عمر وارين ڇوڪرين سان زيادتي ۽ انهن جون ويڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب، گجرانوالا ۾ ننڍي عمر وارين ڇوڪرين سان زيادتي ۽ ويڊيو ٺاهيندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب، واقعي ۾ ملوث جوابدار راشد ۽ طارق شاهه ڪوهلو والا واري علائقي ۾ ننڍي عمر وارين ڇوڪرين کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ دوران ويڊيوٺاهيندا هئا ۽ انهن ويڊيوز کي وڪرو به ڪندا هئا.

پوليس موجب، جوابدار ارشد جي ڪوهلو والا بازار ۾ ويڊيو فلمن جي دڪان به آهي.

پوليس موجب، جوابدارن خلاف صدر ٿاڻي ۾ پوليس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر ڇوڪرين جي واثن هن وقت تائين ڪيس داخل ناهي ڪرايو.

پوليس موجب، جوابدارن وٽان سي سي ٽي وي ڪيمرائون، ايل سي ڊي ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ڪوهلو والا ۾ متاثر ڇوڪرين جي وارثن واقعي خلاف احتجاج ڪيوته واپارين دڪان بند ڪري ڇڏيا.

مظاهرو ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

واضح رهي ته ان کان اڳ ڪراچي  ۾ پوليس ڇوڪرين کي محبت ۽ نوڪرين جو آسرو ڏئي اجتماعي زيادتي نشانو بڻائيندڙ ٽولي کي گرفتار ڪيو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*