حافظ آباد ۾ نامعلوم جوابدارن پنجن ورهين جي ٻارڙي کي مبينا زيادتي بعد قتل ڪري لاش فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو

hafizAbadmap02-9

حافظ آباد ۾ نامعلوم جوابدارن پنجن ورهين جي ٻارڙي کي مبينا زيادتي بعد قتل ڪري لاش فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙو گذّريل ڏينهن گم ٿي ويو هو،جنهن جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو هو.

احمد آباد واري علائقي ۾ فصل مان پنجن ورهين جي ٻارڙي جو گهٽا ڏنل لاش هٿ ڪيو ويو، ٻارڙي جي شهروز طور سڃاڻپ ڪئي وئي.

اطلاع تي پوليس پهچي ٻارڙي جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مطابق ٻارڙي کي زيادتي بعد ڳلي ۾ ڦاهو وجهي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙو شهروز گذريل ڏينهن گهران نڪرڻ بعد اسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن جو هنن پوليس کي به اطلاع ڏنو هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*