سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته شريف خاندان لاءِ قانون مڪمل طور ڌار آهي

sharjeel memon

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته شريف خاندان لاءِ قانون مڪمل طور ڌار آهي، جيڪي ماڻهو نااهل ٿي ويا انهن کي اڃا به گرفتار نٿو ڪيو وڃي.

احتساب عدالت ۾ پيشي وقتي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته شريف خاندان لاءِ قانون مڪمل طور ڌار آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻهن کي ڪيسن ۾ گرفتار نٿو ڪيو وڃي.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو نااهل ٿي ويا آهن پوءِ به انهن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي.

شرجيل ميمڻ چيو ته نواز شريف فرشتو آهي هن جو نالو اي سي ايل ۾ نٿو اچي سگه ۽ اهي ماڻهو گرفتار نٿا ٿي سگهن نه ئي انهن کي ضمانتن جي ضرورت آهي.

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته ڪيس ٺهڻ کانپوءِ جيڪي ماڻهو ملڪ مان فرار ٿي ويا، اهي ماڻهو ئي پيغام ڏئي رهيا آهن ته ڪيس ٺهن ته ملڪ مان هليا وڃو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*