ٿاڻي بولاخان ۾2012 دوران ڀرتي ڪيل استادن پگهارون بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

thanu bola khan

ٿاڻي بولاخان ۾2012 دوران ڀرتي ڪيل استادن پگهارون بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڄامشوري ضلعي مان  2012 دوران ڀرتي ڪيل ڊرائينگ ٽيچرز۽ عربي ٽيچرز عبدالرحمان گبول، نثار ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھائير سيڪينڊري اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھيد بينظير ڀٽو چوڪ تي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي  ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ استاد اڳواڻن چيو ته سندن پگهارون بند ڪري ساڻن ناانصافي ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته فوري طور پگهارون ادا نه ڪيون ويون ته سخت احتجاج ڪيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*