پشاور جي احتساب عدالت ۾ عمران خان پاران سرڪاري هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ سول ايو ي ايشن ۽ چئن ايڊمنسٽريٽر آفيسرن جا بيان قلمبند ڪيا ويا

imran khan

پشاور جي احتساب عدالت ۾ عمران خان پاران سرڪاري هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ سول ايو ي ايشن ۽ چئن ايڊمنسٽريٽر آفيسرن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، عملدارن پاران جمع ڪرايل فهرست ۾ ڄاڻايو ويو ته  رڳو وڏو وزير ۽ گورنر  سرڪاري هيليڪاپٽر ۾ سفر ڪري سگهن ٿا، ٻئي ڪنهن کي به اجازت ناهي.

پشاور جي احتساب عدالت ۾ عمران خان پاران سرڪاري هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ سول ايو ي ايشن ۽ چئن ايڊمنسٽريٽر آفيسرن جا بيان قلمبند ڪيا ويا.

ٻڌڻي دوران هڪ سول ايوي ايشن عملدار ۽ چئن ايڊمنسٽريٽر آفيسر بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته سرڪاري هيليڪاپٽر جي خريداري واري سمري 22 نومبر 2017 تي منظور ٿي هئي.

 ايڊمنسٽريشن کاتي پاران هيليڪاپٽر ۾ سفر ڪرڻ وارن جي فهرست جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته هيليڪاپٽر سرڪاري طور تي صوبي جو گورنر ۽ وڏو وزير استعمال ڪري  سگهن ٿا، ٻئي ڪنهن کي به اجازت ناهي.

فهرست ۾ ڄاڻايو ويو ته وڏو وزير ۽ گورنر به صرف انهن علائقن ۾ هيليڪاپٽر استعمال ڪري سگهن ٿا جتي ٽرانسپورٽ نٿي وڃي سگهي.

واضح رهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاران ڪي پي صوبي جو سرڪاري هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ بعد احتساب عدالت ۾ دخواست داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن بعد عدالت لاڳاپيل عملدارن کان هيليڪاپٽر ۾ سفر ڪندڙن جي فهرست طلب ڪئي هئي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*