ڪنڌڪوٽ ۾ 4 مهينا اڳ گم ٿي ويل واپاري جي بازيابيءَ لاءِ سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

khandkot

  ڪنڌڪوٽ ۾ 4 مهينا اڳ گم ٿي ويل واپاري جي بازيابيءَ لاءِ سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته عبدالرزاق ڊومڪي کي بخشاپور پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

 ڪنڌڪوٽ ۾ ڪي ٽي اين آفيس جي اڳيان گم ٿي ويل واپاري جي والد غلام اڪبر ڊومڪي ۽ عبدالرئوف ڊومڪي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي غلام اڪبر ڊومڪي چيو ته سندس پٽ عبدالرزاق کي بخشاپور  پوليس گم ڪيو آهي، کين اهو خدشو آهي ته پوليس کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيندي.

 هن چيو ته پٽ جي گم شدگي جو پوليس خلاف ڪيس داخل ڪري سندس واپسي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*