ميرپورخاص ۾ پنجاب واسڻ شاگردياڻي جو گٽر نالي مان لاش هٿ ڪيو ويو آهي

Mirpur-Khas-map

ميرپورخاص ۾ پنجاب واسڻ    شاگردياڻي  جو گٽر نالي مان لاش هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس شاگردياڻي جو لاش اسپتال منتقل ڪري 3 شاگردياڻين ۽ علائقي جي چوڪيدار کي حراست ۾وٺي ڇڏيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي ڊينٽل ڪاليج ۾ پڙهندي هئي  ۽ ٻين شاگردياڻين سان گڏ مسواڙي گهر ۾ رهيل هئي.

ڍولڻ آباد علائقي ۾ ماڻهن گهٽي جي گٽر نالي ۾ ناريءَ جو لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو.

غريب آباد ٿاڻي جي پوليس اطلاع تي پهچي لاش ٻاهر ڪڍرايو، جنهن جي سڃاڻپ  هڪ نجي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندڙ پنجاب واسڻ زهرش ڌي ذوالفقار انصاري طور ڪئي وئي.

پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ  ميرپور خاص سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ناري جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيوهو.

پوليس موجب شاگردياڻي زهرش ٻين  شاگردياڻين سان گڏ هڪ مسواڙي گهر ۾ رهندي هئي، جتان جي چوڪيدار ۽ ٽن شاگردياڻين کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ هو ته شاگردياڻي جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي، جيڪي پنجاب جي علائقي خانپور مان پهچي رهيا آھن، جن جي اجازت ملڻ بعد ئي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جنهن بعد موت جي سبب بابت خبر پئجي سگهندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*