سپريم ڪورٽ ايئرپورٽ تان مسافرن جو سامان گم ٿيڻ واري ڪيس ۾ هڪ مهيني ۾ معاملا ٺيڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

Supreme-Cour-Karachi-14317

سپريم ڪورٽ ايئرپورٽ تان مسافرن جو سامان گم ٿيڻ واري ڪيس ۾ هڪ مهيني ۾ معاملا ٺيڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت سول ايويئشن اٿارٽي کي مسافرن جي حقن بابت سوشل ميڊيا، ايئر لائنز ۽ ايئر پورٽس تي ميڊيا مهم هلائڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ايئرپورٽ تان مسافرن جو سامان گم ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت پاران معاملي تي جوڙيل ڪميشن پنهنجي رپورٽ سان گڏ تجويزون پيش ڪيون.

رپورٽ ۾ فلائيٽس جي دير ۽ سامان غائب ٿيڻ کي بدانتظامي قرار ڏيندي چيو ويو ته جيڪڏهن انتظامي معاملا صحيح طرح هلايا وڃن ته اهڙا واقعا نه ٿيندا.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته گذريل ٽن مهينن دوران ٻن ايئرپورٽس تي 5 سئو عالمي فلائيٽس دير جو شڪار ٿيون، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ سامان غائب ٿيڻ جون شڪايتون مليون.

عدالت رپورٽ کانپوءِ حڪم ڏنو ته هڪ مهيني ۾ معاملا ٺيڪ ڪيا وڃن ۽ سول ايويئشن اٿارٽي کي مسافرن جي حقن بابت سوشل ميڊيا، ايئر لائنز ۽ ايئر پورٽس تي ميڊيا مهم هلائڻ جو به حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*