ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري غفار زڪري جا ڪيترائي سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا آهن

Karachi-Rangers-112018

ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري غفار زڪري جا ڪيترائي سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته غفار ۽ شيراز زڪري جي گرفتاري لاءِ ٽيمون بلوچستان روانيون ٿي ويون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رينجرز تي حملن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لياري جي زڪري پاڙي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري غفار زڪري جي ڪيترن ئي سهولتڪار ن کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب غفار ۽ شيراز زڪري جي گرفتاريءَ لاءِ ٽيمون بلوچستان روانيون ٿي ويون آهن، جڏهن ته هاڪس بي جي مبارڪ وليج ۾ به رينجرز جي ڪارروائي دوران 4 گينگسٽر گرفتار ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*