جوهي ۾ ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري عمل خلاف سماجي اڳواڻ علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو

Johi-Map-161217

جوهي ۾ ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري عمل خلاف سماجي اڳواڻ علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو.

علائقي جي سماجي اڳواڻ ڪاشف جمالي نادرا چيئرمين خلاف نعرا لکيل پلي ڪارڊ کڻي علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي هن چيو ته نادرا چيئرمين بنگالين ۽ برمين سميت پرڏيهين کي ڪارڊ جاري ڪري ملڪ دشمني ڪري رهيو آهي، جنهن سان ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي.

 هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*