وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته چونڊون ويجهو ايندي ئي احتساب جا نعرا لڳي رهيا آهن

ahsan iqbal

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته چونڊون ويجهو ايندي ئي احتساب جا نعرا لڳي رهيا آهن، اهيو تاثر ڏنو پيو وڃي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اتفاق نه ٿيندو ۽ ڪو ٻيو نگران حڪومت ٺاهيندو، پر حڪومت اپوزيشن سان گڏ نگران حڪومت ٺاهڻ تي اتفاق ڪندي، ڪجهه قوتون جمهوريت جي رستا روڪ ڪري رهيون آهن، جن کي عوام ڪابه موٽ نه ڏيندو.

لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته ناڪام قوتون جمهوريت جي رستا روڪ ڪري رهيون آهن، جن کي عوام ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو.

هن چيو ته چونڊون ويجهو ايندي ئي احتساب جا نعرا لڳي رهيا آهن، ڪجهه سياسي پارٽيون عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، پر انهن کي خبر هئڻ گهرجي ته عوام بيوقوف ناهي.

احسن اقبال جو چوڻ هو ته اهيو تاثر ڏنو پيو وڃي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اتفاق نه ٿيندو ۽ ڪو ٻيو نگران حڪومت ٺاهيندو، پر حڪومت اپوزيشن سان گڏ نگران حڪومت ٺاهڻ تي اتفاق ڪندي.

گهرو وزير چيو ته پرويز مشرف هڪ عام شهري آهي، جيڪڏهن نواز شريف عدالتن ۾ پيش ٿي سگهي ٿو ته پرويز مشرف ڇو نٿو ٿي سگهي؟.

پرويز مشرف جي وڪيل خاطري ڪرائي آهي ته هو عدالت ۾ پيش ٿيندو، جيڪڏهن پيش نه ٿيوته مشرف جا ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويندا.

احسن اقبال جو چوڻ هوته اسان حڪومت ۾ ايندي ئي دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، ڪراچي ۾ اڳ ڀتي جون پرچيون ملنديون هيون پر هاڻي اتي ڪرڪيٽ جا ميچ ٿي رهيا آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*