واهي پانڌي سميت ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ ڪڻڪ جي فصل تي سنڊي جو حملو ٿيڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھ ٿي ويو آھي

wahi pandhi

واهي پانڌي سميت ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ ڪڻڪ جي فصل تي سنڊي جو حملو ٿيڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھ ٿي ويو آھي.

 واهي پانڌي، سوري، سيوو جمالي، پوٺو لنڊ ۽ ڪاڇي جي ٻين علائقن ۾ سائي ۽ ڪاري سنڊي ڪڻڪ جي پاڇاٽي فصل تي حملو ڪري ڏنو آھي.

آبادگارن موجب سنڊي جي حملي سبب سوين ايڪڙن تي ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري نقصان پئجي رهيو آھي.

سنڊي جي حملي کي روڪڻ توڙي خاتمي لاءِ زراعت کاتي پاران ڪنهن به قسم جا اپاءُ نه ورتا وياآھن، جنهن سبب متاثر آبادگار مايوسي جو شڪار بڻيل آھن.

آبادگارن زراعت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته زرعي ماهر موڪلي سندن ڪڻڪ جو  فصل بچايو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*