پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي چيو آهي ته چاهيون ٿا اپوزيشن جي گڏيل اتفاق سان سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر آندو وڃي

azam sawati

پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي چيو آهي ته چاهيون ٿا اپوزيشن جي گڏيل اتفاق سان سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر آندو وڃي، اميد آهي ته پيپلزپارٽي سينيٽ اپوزيشن ليڊر جو نالو واپس وٺندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جو چوڻ هوته پي ٽي آءِ پنهنجو اپوزيشن ليڊر آڻيندي، اميد آهي ته اپوزيشن جماعتون حمايت ڪنديون.

اعظم سواتي جوچوڻ هو ته پيپلزپارٽي پاران شيري رحمان کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ وارو طريقيڪار غلط آهي، ان بابت سينيٽ چيئرمين کي به خط کلي آگاهه ڪيو ويو آهي.

اعظم سواتي جو چوڻ هو ته پ پ جي قدمن سان اپوزيشن کي نقصان پهچندو،اسان ادارن سان گڏ آهيون، پي ٽي آءِ ادارن کي نقصان پهچائڻ نه ڏيندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*