سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته مون کي چيئرمين چونڊرائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار هجڻ وارن الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي

senate chairman sadiq sanjranij

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته مون کي چيئرمين چونڊرائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار هجڻ وارن الزامن ۾ ڪا به صداقت نه  آهي، چئني صوبن مان واري واري سان سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ گهرجي، حمايت ڪرڻ تي عمران خان ۽ آصف زرداري جو ٿورائتو آهيان. ميان صاحب اسان جو بزرگ آهي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهتو ته گهرو وزير سرفراز بگٽي، تعليم واري وزير طاهر محمود ۽ ٻين ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو.

ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميان صاحب، اسان جو بزرگ آهي، منهنجي لاءِ سموريون سياسي جماعتون برابر آهن، منهنجو ڪردار ثابت ڪندو ته مان سياسي آهيان يا غير سياسي آهيان. مون ک ياسٽيبلشمنٽ طرفان چونڊرائڻ واري الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي.

هن چيو ته هو سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ حمات تي ع مران خان جو ٿورائتو آهي.

سينيٽ چيئرمين چيو ته وڏي وزير قدوس بزنجي ۽ اسيمبلي ميمبرن جي ڪوشش سان 6 سينيٽرز چونڊجي ويا هئا، انهن 6 سينيٽرز سڄي پاڪستان مان حمايت حاصل ڪئي هئي. اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪنهن ٻئي تي الزام لڳائندڙ سياست ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته هو بلوچستان جي مفادن ۽ تحفظ ۽ محرومين جي خاتمي لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي ۽ پهرين موجود قانون تي عملدرآمد ڪرايو ويندو.

سينيٽ چيئرمين چيو ته مون کي چيئرمين چونڊرائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار هجڻ وارن الزامن ۾ ڪا به صداقت نه  آهي،

صادق سنجراڻي چيو ته چئني صوبن مان واري واري سان سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ گهرجي حمايت ڪرڻ تي عمران خان ۽ آصف زرداري جو ٿورائتو آهيان………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*