وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته عوام عمران خان جي ڪوڙي پروپيگنڊا جي حقيقت ڄاڻي چڪو آهي
وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته عوام عمران خان جي ڪوڙي پروپيگنڊا جي حقيقت ڄاڻي چڪو آهي، ستياناس ۽ ٻيڙو غرق ڪرڻ واري ٿيوري هاڻ نه هلندي.
عمران خان جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ گهرو وزير احسن اقبال چيو ته خان صاحب! 27 ڪلو ميٽر لاهور ميٽرو 30 ارب رپين ٺهيو، جنهن جي ڀيٽ ۾ 26 ڪلو ميٽر پشاور ميٽرو 57 ارب رپين ۾ ٺاهيو پيو وڃي.
احسن اقبال چيو ته خان صاحب! ڇا ڪي پي ۾ ڪير به بکيو نه بچيو آهي ڇا؟
وفاقي گهرو وزير چيو ته عوام اوهان جي ڪوڙي پروپيگنڊا جي حقيقت ڄاڻي چڪو آهي. هاڻ ستياناس ۽ ٻيڙو غرق ڪرڻ واري سياست نه هلندي.
واضح رهي ته عمران خان چيو هو ته ماڻهو بک تي آهن ۽ پيسا ميٽرو تي خرچ ڪيا وڃن ته پوءِ عوام کي ڇا ملندو؟……