اسلام آباد ۾ سنڌ جي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن احتجاج ڪندي سنڌي ٻولي نه ڳالهائڻ کان روڪيندڙ ۽ نادرا چيئرمين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

islamabad protest

اسلام آباد ۾ سنڌ جي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن احتجاج ڪندي سنڌي ٻولي نه ڳالهائڻ کان روڪيندڙ ۽ نادرا چيئرمين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ جمهوري عوامي پارٽي جي اڳواڻ قاسم مير جت، نذير قريشي، شاعر اياز گل ۽ ٻِين پاران ڊايو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سنڌي نه ڳالهائڻ واري نوٽيفڪيشن ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌي ٻولي نه ڳالهائڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪندڙ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، فوري طور نادرا چيئرمين کي هٽايو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*