ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ پوليس هڪ بنگلي تي ڇاپي دوران پي ايس ايل ميچز تي مبينا طور سٽيبازي ڪندڙ 15 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

Karachi-Police-24916

ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ پوليس هڪ بنگلي تي ڇاپي دوران پي ايس ايل ميچز تي مبينا طور سٽيبازي ڪندڙ 15 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن جي قبضي مان 6 لک رپيا پرڏيهي ڪرنسي نوٽس، 29 موبائل فونز ۽ ليپ ٽاپ هٿ ڪيا ويا.

ايس پي ڪلفٽن موجب ڳجهي اطلاع تي ڊفينس واري علائقي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران پي ايس ايل ميچز تي سٽيبازي ڪندڙ 15 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس پي ڪلفٽن چيو ته ڇاپي دوران جوابدارن جي قبضي مان 6 لک پرڏيهي ڪرنسي نوٽس، 29 موبائل فونز ۽ ليپ ٽاپ به هٿ ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته جوابدارن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جنهن سان وڌيڪ گرفتاريون عمل ۾ اچي سگهن ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*