پنجاب حڪومت ۽ پاڪ هوائي فوج وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون ويون

punjab praises paf

پنجاب حڪومت ۽ پاڪ هوائي فوج وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن تحت ڊيرا غازي سان جي علائقي فورٽ منروڪ ۾ هڪ ارب روپين جي لاڳت سان ڪيڊٽ ڪاليج تعمير ڪيو ويندو. شهبازشريف چيو ته نواز ليگ بنا فرق جي قوم جي خدمت ڪري رهي آهي.

لاهور ۾ پنجاب حڪومت ۽ پاڪ هوائي فوج ۾ مفاهمت جي يادداشت نامي بابت تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ۽ هوائي فوج جي سربراهه ايئرچيف مارشل امان شرڪت ڪئي.

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف تقريب کي خطاب ڪندي  چيو ته اسان ملڪ جي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته ڊيرا غازي خان جي علائقي فورٽ منرو ۾ به ڪيڊٽ ڪاليج جي تعمير ڪئي پئي وڃي.

پنجاب جي وڏي وزير چيو هت پاڪ هوائي فوج تعليم جي ميدان ۾ اهم خدمتون ڪيون آهن، اسان کي گڏجي قوم ۽ فلاح جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. اويس لغاري پراجيڪٽ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي.

ان موقعي تي ايئرچيف مارشل سهيل امان چيو ته سٺي تعليم سان هڪ بهتر نسل جي اوسر ٿيندي آهي. تعليم ذريعي ملڪ جي تقدير تبديل ڪري سگهجي ٿي.

ايئرچيف مارشل سهيل امان چيو ته جديد تعليم ذريعي ئي معاشري ۾ ترقي ممڪن ٿي سگهي ٿي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*