آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پوليس آفيسرن کي جاچ جي تربيت ڏيارڻ لاءِ جرمني جي سهڪار سان قائم ڪيل اسڪول اف انويسٽيگيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي

hyderabad invertigation school iftetah

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پوليس آفيسرن کي جاچ جي تربيت ڏيارڻ لاءِ جرمني جي سهڪار سان قائم ڪيل اسڪول اف انويسٽيگيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ جي سنڌ، اي ڊي خواجه، پوليس ٽريننگ ڪاليج سعيد آباد ۾ قائم ڪيل انويسٽيڪيشن اسڪول جو افتتاح ڪيو.

افتتاحي تقريب ۾ جرمني جي ڊپٽي قونصل جنرل، جرمن حڪومت تحت پاڪستان لاءِ ڪرمنل انويسٽيگيٽو سروسز ۾ صلاحيت کي هٿي وٺرائڻ واري پروگرام جي سربراهه ڊاڪٽر اسٽريڊ بوش به شريڪ ٿيا.

  ڊپٽي قونصل جنرل خطاب ڪندي چيو ته جي آءِ زيڊ تحت جرمن حڪومت سنڌ پوليس جي صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ هر ممڪن سپورٽ جاري رکندي.

آءِ جي سنڌ چيو ته معاشري کي پرامن ۽ پاڪ بڻائڻ لاءِ پوليس جي آپريشنل ۽ انويسٽگيشن کي غير معمولي بڻائڻ انتهائي ضروري آهي.

اي ڊي خواجه چيو ته اسڪول آف انويسٽيگيشن مان تربيت انهن ئي آفيسرن کي ڏني ويندي جيڪي قابل ۽ فٽنس جي معيار تي پورو لهندا.

آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ ۾ فارنزڪ ليب جو افتتاح به جلد ڪيو ويندو جنهن سان پوليس جي ڪارڪردگي جو گراف وڌيڪ بهتر ۽ نمايان ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*