بلاول ڀٽو کان سوال آهي ته پ پ 10 سالن ۾ سنڌ کي ڇا ڏنو؟ سنڌ ۾ ڪهڙا ڪم ڪرايا؟ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته

imran khan media talk

بلاول ڀٽو کان سوال آهي ته پ پ 10 سالن ۾ سنڌ کي ڇا ڏنو؟ سنڌ ۾ ڪهڙا ڪم ڪرايا؟  پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ عدليه جي ذميواري آهي، بلاول ڀٽو، آصف زراري کان پڇي ته هو ارب پتي ڪيئن ٿيو؟

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اسلام آباد کان ڪراچي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتو، جتي پارٽي اڳواڻن سندس استقبال ڪيو.

ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪراچي واسين کي  گٽر مليل پاڻي پياريو پيو وڃي، ان صورت ۾ شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ عدليه جي ذميواري آهي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو، آصف زراريءَ کان پڇي ته هو ارب پتي ڪيئن ٿيو؟ بلاول ڀٽو کان سوال آهي ته پ پ 10 سالن ۾ سنڌ کي ڇا ڏنو؟ ۽ ڪهڙا ڪم ڪرايا؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*