لالي ووڊ جي ناليواري اسٽار محمدعلي جي اڄ 12 هين ورسي جو ڏينهن آهي

muhammad ali

لالي ووڊ جي ناليواري اسٽار محمدعلي جي اڄ 12 هين ورسي جو ڏينهن آهي، منفرد اداڪاريءَ سبب کيس شهنشاهِه جذبات جي لقب سان به سڃاتو ويندو هو.

 محمدعلي 19 پريل 1931ع تي رام پور شهر جي رهواسي مولانا سيد مرشد علي جي گهر ۾ جنم ورتو.

 ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد سندس ڪٽنب ملتان منتقل ٿيو جتي هن هاءِ اسڪول تائين تعليم حاصل ڪئي جنهن بعد وڌيڪ پڙهڻ لاءِ حيدرآباد شهر جو رخ ڪيو.

 سال 1962 ع ۾ رليز ڪيل فلم “چراغ جلتا رها” محمد علي جي ڪيريئر جي پهرين فلم هئي، جنهن بعد کيس مسلسل فلمن ۾ ڪاسٽ ڪيو ويندو رهيو.

 محمد علي پنهنجي محنت ذريعي پاڪساني فلمي صنعت ۾ منفرد مقام  حاصل ڪيو، جيڪو تمام ٿورا فنڪار ماڻي سگهيا آهن.

 محمد علي 250 جي لڳ ڀڳ فلمن ۾ جلوه گر ٿيو، کيس 10 ڀيرا نگار ايوارڊ سان نوازيو ويو، جڏهن ته پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ تغمه امتياز به سندس حصي ۾ آيا.

 محمد علي 19 مارچ 2006 ع تي لاهور ۾لاڏاڻو ڪري ويو، سندس وڇوڙي کي 12 سال گذري وڃڻ باوجود هو مداحن کان نه وسريو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*