اُزبڪستان حڪومت شادي تقريبن ۾ 150 کان وڌيڪ مهمان گهرائڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي

reception

اُزبڪستان حڪومت شادي تقريبن ۾ 150 کان وڌيڪ مهمان گهرائڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نئين قانون تحت فنڪشن لاءِ فنڪارن ۽ مهانگي گاڏين جي بڪنگ تي به بندش هوندي.

عالمي ميڊيا موجب اُزبڪستان جي حڪومت شادي تقريبن کي فضول خرچ کان بچائڻ لاءِ سخت کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان لاءِ هڪ قانوني مسودو تيار ڪيو وڃي پيو.

 مسودي تحت تقريبن ۾گوشت جون ڊشز به وڏي تعداد ۾ رکڻ تي پابندي لڳائي ويندي.

واضح رهي ته هي قدم ملڪ جي صدر پاران جاري ڪيل ان بيان بعد کنيو پيو وڃي جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته شادي تقريبن ۾ گوشت استعمال ڪرڻ بدران بهتر هوندو ته ڪنهن غريب شخص جي مدد ڪئي وڃي ۽ اهڙن والدين جي مدد ڪئي وڃي جيڪي پنهنجي ٻارن جون شاديون ڪرڻ کان لاچار آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*