افغانستان جي مختلف علائقن اندر بم حملن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪارن سميت 11 ڄڻا مارجي ۽ 14 زخمي ٿي پيا

afghanistan

افغانستان جي مختلف علائقن اندر بم حملن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪارن سميت  11 ڄڻا مارجي ۽ 14 زخمي ٿي پيا.

  گادي واري شهر ڪابل ۾ طالبان پاران حملي ۾ 5 پوليس اهلڪارن سميت 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، پوليس ترجمان موجب طالبان سڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ لاءِ هي بم نصب ڪيو هو.

ميڊيا رپورٽس موجب صوبه خوست ۾ رستي تي نصب ڪيل هڪ بم ڦاٽي پوڻ جي نتيجي ۾ 2 ٻار مارجي ۽ 9 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته صوبي غور ۾1 ڌنار مارجي ويو ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*